لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واري ڏينهن تي ايوان مان غائب رهندڙ سميع الله خان نواز ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري جو مڙس آهي. نواز ليگ جي ڪارڪنن سوشل ميڊيا تي عظميٰ ۽ سندس مڙس تي سخت تنقيد ڪئي جنهن تي عظميٰ مايوسي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته تمام گهڻو افسوس آهي، باقي اهو ئي ٻڌڻ رهجي ويو هو حڪومت اچڻ کانپوءِ. پارٽي جڏهن هائوس ۾ وڃڻ جو چيو ته اسان وياسين، اهو ڇو ٿيو مون به اهو سوال پارٽي کان پڇيو، لڳي ٿو ساڍا نئون سال ضايع ڪري ڇڏيا. جيڪي اهي فيصلا ڪري رهيا هئا انهن کان پڇو، دل ٽٽي پئي اڄ پرويز الاهي جي 4 سال انهن ئي ٻن غدارن ڀوڳيا.