اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف  جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي عون چوڌري کي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو. عثمان بوزدار ٽي وي پروگرام ۾ ڪردار ڪشي تي عون چوڌري کي قانوني نوٽيس اماڻيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نجي ٽي وي پروگرام ۾ عون چوڌري بي بنياد الزام لڳايا. عون چوڌري الزامن تي معافي گهري ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪندس ۽ معافي نه گهرڻ تي 50 ڪروڙ روپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي ويندي. ياد رهي ته عون چوڌري نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو هو ته پنجاب ۾ پوستنگ ۽ ٽرانسفر جي حوالي سان خواب بني گالا ۾ ڏٺو ويندو هو جڏهن ته بيگ لاهور پهچي ويندا هئا ان معاملي ۾ خاور مانيڪا ۽ ان جي پٽ سميت سموري گينگ ملوث هئي. عون چوڌري چيو ته مون عمران خان کي ٻڌايو هو ته پنجاب کي فرح گوگي ۽ احسن گجر هلائي رهيا آهن.