نواز شريف کي اقتدار ۽ جمهوريت مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي

0
165
نواز شريف کي اقتدار ۽ جمهوريت مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي

 سمجهه ۾ نٿو اچي ته هيءَ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آهي، يا سليڪشن ڪميشن آف پاڪستان – جنهن کي اهو نظر نٿو اچي ته گورنر هائوس پنجاب مسلم ليگ (ن) جي اليڪشن سيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. توڙي جو اهي خبرون پڻ رپورٽ ٿي چڪيون آهن ته ميان نواز شريف تعزيت جي بهاني سان گورنر هائوس پنجاب پهتو ۽ اتي گورنر بليغ الرحمان سان ٽن ڪلاڪن تائين گڏ رهيو. اتي هن سياسي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ اليڪشن مهم بابت مشاورت پڻ ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ شهباز شريف، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا ڪيترائي نواز ليگي اڳواڻ موجود هئا. گڏجاڻيءَ ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ پارٽيءَ جي ٽڪيٽن جي حوالي سان مشاورت پڻ ڪئي وئي. ميان نواز شريف گورنر هائوس ۾ ويهي پارٽي اڳواڻن کي هدايتون به جاري ڪندو رهيو پر حيرت اها آهي ته ان جو نه اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نوٽيس ورتو ۽ نه ئي وري ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪندڙ ٻين سياسي ڌرين طرفان ڪو ردعمل سامهون آيو آهي.

                 ميان نواز شريف سياستدان پوءِ پر پهرين واپاري آهي. ميان صاحب جو اهو رڪارڊ رهندو آيو آهي ته هن جو جهڪاءُ ان طرف هوندو آهي، جتي هن جو ذاتي مفاد هجي. سياست ۽ جمهوريت ان جي لاءِ هڪ ثانوي مسئلو آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سميت سمورين سياسي ڌرين ليول پليئنگ فيلڊ لاءِ سگهاري انداز ۾ گهر نه ڪئي ته پوءِ لڳي ايئن ٿو ته ميان نواز شريف پنجن سالن جي اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيندو. اها حقيقت آهي ته ميان نواز شريف جي حڪومت ختم ڪرڻ وقت محترما بينظير ڀٽو جنرل مشرف کي مبارڪن جو پيغام موڪليو هو، پر پوءِ جڏهن معاملو جمهوريت جي پاسي بيهڻ جو آيو ته شهيد محترما سمورن مفادن کي هڪ پاسي رکي جمهوريت جو ساٿ ڏنو. پيپلز پارٽي جيڪڏهن مشرف سان اقتداري شراڪتداري ڪري ها ته اها گهڻو ڪجهه حاصل ڪري پئي سگهي ۽ محترما جي شهادت وارو سانحو به نه ٿئي ها پر پيپلز پارٽي، جيڪا هميشه جمهوريت جي طرفدار رهي آهي ۽ ان (گهٽ ۾ گهٽ شهيد محترما جي حياتي تائين) جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. جڏهن معاملو ميثاق جمهوريت جو سامهون آيو ته شهيد محترما ان عهدنامي تي صحي ڪئي ۽ ميثاق جمهوريت تي محترما جي صحي پنهنجي ئي موت جي پرواني تي صحي ثابت ٿي. محترما بينظير ڀٽو توڙي جو هڪ ڏاهي سياستدان هئي پر اها هڪ مرحلي تي اچي “ٽريپ” ٿي وئي. جمهوريت جي خواب جي تعبير لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان وقت اسٽيبلشمينٽ جي زير عتاب نواز شريف جي چڪر ۾ اچي وئي، جڏهن ته کيس سمجهڻو هو ته سندس ڊوميسائل سنڌ جو ۽ نواز شريف جو ڊوميسائل پنجاب جو آهي. جمهوريت مخالف قوتون جيئن ته شديد تتل هيون ۽ انهن کي ميثاق جمهوريت جي “سزا” ته ڏيڻي هئي. ٿيو به ايئن. هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه حملا ٿيا. لياقت باغ ۾ ٿيل حملي ۾ محترما بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ راولپنڊي ايڪسپريس وي تي نواز شريف تي حملو ناڪام ٿيو. اهو ئي فرق آهي سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾. ايئن به ڪونهي ته محترما بينظير ڀٽو ميان نواز شريف جي اٽڪلن کي نٿي سمجهيو.

هن وقت به جڏهن عمران پراجيڪٽ جي ناڪاميءَ کانپوءِ بال وري ميان نواز شريف جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ حالتون اصل اقتدار ڌڻين کي پسپائي واري مرحلي تي آڻي پهچايو آهي پر نواز شريف ماضيءَ مان سکڻ جي بدران سياسي ڌرين سان گڏ بيهڻ بجاءِ ساڳيو ماضيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتاولو آهي. پيپلز پارٽي، جنهن هميشه نواز شريف جي ڏکين ڏينهن دوران حمايت ڪئي، اها ساڳي نواز ليگ هن وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي خلاف سياسي صفبندين ۾ رڌل آهي. نواز ليگ اسٽيبشلمينٽ جي سدا بهار حمايتي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اتحاد ڪري گڏيل طور تي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حيرت نه ايم ڪيو ايم پاڪستان تي آهي ۽ نه ئي وري ميان نواز شريف تي، ڇو ته ٻنهي جي پالنا هڪ ئي نرسريءَ ۾ ٿي آهي پر ميان نواز شريف کي اها ضرور ميار ڏيئي سگهجي ٿي ته ان ماضيءَ مان سکڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. ايم ڪيو ايم ته هر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مزاج سان هم آهنگ رهي آهي، جنهنڪري ان کي هوا جي رخ جي به خبر پئجي ويندي آهي ۽ کيس اها به پروڙ پئجي ويندي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اقتدار جو اٺ ڪهڙي پاسي جهڪندو! ايم ڪيو ايم جو مسئلو اهو آهي ته جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر رهي نه سگهندي آهي، تيئن ايم ڪيو ايم به اقتدار کان ٻاهر رهي نه سگهندي آهي. اسلام آباد ۾ جنهن جي به حڪومت هوندي آهي، اها ان جو حصو بڻجڻ جي سعادت ماڻيندي آهي. سنڌ ۾ جيئن ته ان جي هلي نه سگهندي آهي، ان ڪري اها سنڌ حڪومت سان هميشه جهيڙي ۽ ٽڪراءُ ۾ هوندي آهي ۽ سنڌ حڪومت سان وڙهڻ لاءِ جيئن ته مرڪز جي طاقت جي ضرورت پوندي آهي، ان ڪري متحده جو اهو رڪارڊ رهيو آهي ته اها “مرڪز مائل” رهندي آئي آهي. جيتري قدر پ پ سان اتحاد جو تعلق آهي ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به پ پ سان اتحاد نه ڪندي، ڇو ته انهن جا مشڪل سان تضاد حل ٿيڻ جوڳا آهن. انهن تضادن جي نوعيت سياسي، سماجي، معاشي، لساني ۽ ثقافتي آهن. اهي تضاد سنڌ جي عوام ۽ اردو ڳالهائيندڙ عوام جي وچ ۾ ناهن پر اهي تضاد سنڌ جي عوام ۽ اردو ڳالهائيندڙ اشرافيه جي وچ ۾ آهن، جنهنڪري انهن جي حل جو امڪان گهٽ هوندو آهي. ايم ڪيو ايم هونئن ته ملڪ گير پارٽي هجڻ جي دعويدار آهي پر اها سنڌ ۾ به اثر نٿي رکي. ايم ڪيو ايم جو سنڌ سان ڪهڙو واسطو؟ ان جي ته وڌ ۾ وڌ دلچسپي ڪراچي سان ۽ ڪنهن حد تائين حيدرآباد، سکر، نوابشاهه سان آهي. ايم ڪيو ايم پ پ پ دشمنيءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي وئي آهي جو اها پ پ پ جي مخالف ڪاري چور سان به اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي. ايم ڪيو ايم جو مزاج جمهوري رهيو ئي ناهي. ضياءُ جي دور ۾ جمهوريت جي جدوجهد کي ڌڪ رسائڻ لاءِ ئي ان تنظيم کي جوڙيو ويو هو.

هر شيءِ جي ايڪسپائري ڊيٽ هوندي آهي، اهڙي نموني پاڻ کي هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ سمجهندڙن جي خارجا ۽ داخلا پاليسين تي مالڪي جي ايڪسپائري ڊيٽ به تيزيءَ سان ويجهي ايندي پئي وڃي. اهو ڪو سياستدانن جو ڪارنامو ناهي پر اهو وقت جو وهڪرو آهي، جنهن ۾ تهذيبون ختم ٿينديون پيون وڃن، سلطنتون کنڊر بڻجنديون پيون وڃن. پاڻ کي اڇي ڪاري جا مالڪ سمجهندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻي پوندي ته زمانو بدلجي ويو آهي ۽ سندن اها ڦڪي به مدي خارج ٿي چڪي آهي. جمهوريت حقيقت آهي، اها ضرور ايندي. انساني شعور جي سامهون ڪوبه بند ٻڌي نٿو سگهي. معيشت ۽ شعور جي سامهون ڪوبه نٿو بيهي سگهي. پاڻ کي ملڪ جو اصل مالڪ سمجهندڙن ففٿ جنريشن وار جي ذريعي شعور کي پنهنجي سانچي ۾ وجهڻ چاهيو ۽ اهي ان ۾ ڪنهن حد تائين وقتي طور تي کڻي ڪامياب به ٿيا هجن پر ان جو الٽو اثر ٿيو. اهو ٿيڻو ئي نه هو، ڇو ته انهن شعور جو بنياد ئي ڪوڙ ۽ دوکي تي رکيو ويو هو. بدعنوان ججن جو ٽولو هجي، ميڊيا جا پالتو اينڪر هجن، سڀ وقت جي حمام ۾ بي لباس آهن. مريم نواز هجي يا بلاول ڀٽو زرداري، اهي وڌ ۾ وڌ هن نظام جي ايڪسپائري ڊيٽ ۾ ٿورو واڌارو ڪري سگهن ٿا پر ان کي روڪڻ جي صلاحيت ڪنهن ۾ به ڪانهي.