مڪاني ادارن کي اختيارن ۽ فنڊن جي فراهمي

0
105
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

مڪاني ادارن جو نظام عوام کي ميونسپل سهولتن جي فراهمي سميت صحت ۽ صفائيءَ جي سهولتن لاءِ ذميوار آهي ۽ ان نظام جي ذريعي مسئلا هيٺين سطح تي حل ٿين ٿا پر هن سرشتي کي بي لاڀ بنائڻ لاءِ حڪمران وسان نٿا گهٽائين ۽ هي نظام حڪمران ڌر جي اي ٽي ايم طور استعمال ٿئي ٿو. هڪ ته ان سسٽم کي هلائڻ لاءِ مناسب فنڊ ۽ اختيار نٿا ڏنا وڃن ۽ جيڪا فنڊنگ ٿئي ٿي، اها به عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ استعمال نٿي ٿئي. اهڙي ريت هٿ وٺي هن انتهائي اهم سرشتي کي بي لاڀ بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي وئي. توڙي جو گڏيل هندستان ۾ لوڪل باڊيز سسٽم جو باني لارڊ رپن آهي پر ورهاڱي کانپوءِ اهو سسٽم هن ملڪ کي به ورثي ۾ مليو ۽ هتي اهو سسٽم مختلف شڪلين ۾ موجود رهندو آيو آهي پر ان مان عوام کي اهو فائدو نه ملي سگهيو آهي. جيڪڏهن درست نموني سان ان سرشتي مان لاڀ حاصل ڪيو وڃي ته عوام جا اهم ۽ بنيادي مسئلا هيٺين سطح تي حل ٿي سگهن ٿا پر هن ملڪ جا اختيار ڌڻي اهو نٿا چاهين ته جيئن ان سسٽم جي ڪري سندن اهميت، جاهه ۽ جلال، رعب ۽ دٻدٻي جو سج گرهجي وڃي.

هن ملڪ ۾ حڪمرانيءَ جو وڏو عرصو آمريتن تي مشتمل رهيو آهي ۽ آمرن عوام سان رابطي ڪاري جي خال کي ڀرڻ لاءِ هن نظام کي آندو ۽ جنرل ايوب خان جي دور ۾ اهو نظام بنيادي جمهوريتن جي نالي سان رائج ڪيو ويو. بنيادي جمهوريتن واري ان نظام ذريعي ايوب خان پاڻ کي صدر چونڊرائي ورتو. جيئن ته اهو نظام هر دور ۾ غير جمهوري حڪمرانن جي ضرورت رهيو آهي پر ان جي موجودگي چونڊيل حڪومتن دوران به ڏسي سگهجي ٿي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به اهو نظام موجود رهيو پر هڪ مختلف شڪل ۾. جنرل ضياءَ لوڪل باڊيز سسٽم ڪجهه ترميمن سان لاڳو ڪيو. جنرل مشرف به ٻه وکون اڳتي وڌي ضلعي حڪومتون قائم ڪيون، وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن کي ضلعا زمين جي ٽڪرن وانگر ورهائي، انهن ۾ کين سندن بادشاهي قائم ڪري ڏني. ضلعن جا اهي “ظلِ سبحاني” اڇي ڪاري جا مالڪ هئا ۽ اهو سرشتو جيئن ته اسلام آباد مان ڪنٽرول ٿيندو هو، ان ڪري صوبن ۾ جيڪي حڪومتون هيون، انهن کي محتاج ۽ دٻاءُ ۾ رکيو ويو. مشرف جي دعوا اها هئي ته ان سرشتي سان عوام کي سندن درن تي انصاف ملندو ۽ مسئلا حل ٿيندا. ان کي اُن اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جو نالو ڏنو. ان سرشتي کي جنرل مشرف آمريت خلاف مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو. اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ مڪاني ادارن جو اهو سرشتو ايوب خان جي دور ۾ آمريت جي چيچ پڪڙي داخل ٿيو پر ان ۾ وقت بوقت تبديليون ۽ سڌارا ٿيندا رهيا. چونڊيل حڪومتن جي به دور ۾ اهو سرشتو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ عوام جي سهولتن خاطر سڌارا ڪري ان کي لاڳو ڪيو وڃي ته ان کي لاڀائتو بڻائي سگهجي ٿو. پر هتي جي صوبائي حڪومتن شروع کان وٺي هن سرشتي کي آزاد نموني فنڊ ۽ اختيار ڏئي اسرڻ جو موقعو ئي ناهي ڏنو. ان سڄي سرشتي کي محتاج ۽ دٻاءُ ۾ رکيو ويو آهي. هن ۾ سڌارا ڪيا وڃن ته هي سرشتو عوام کي ميونسپل سهولتن فراهميءَ سميت ڪيترا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهي ٿو.

هن وقت سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. ان کي مڪمل طرح فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان اختيار ڌڻين کان اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته مڪاني ادارن جي سرشتي کي بااختيار بڻايو وڃي. ان کي مناسب فنڊ مهيا ڪيا وڃن ته اهو عوامي خدمت وارو ڪم سرانجام ڏئي سگهي. اهو سرشتو خود صوبائي حڪومت لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو ۽ گورننس جي حوالي سان پڻ گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا.