نوابشاھ: ناري پاران ڄام صاحب ٿاڻي جي وڏي منشي تي اغوا ۽ زيادتي جي ڪوشش جا الزام

0
250
نوابشاھ: ناري پاران ڄام صاحب

نوابشاھه (رپورٽر) ڄام صاحب ۾ ٿاڻي جي وڏي منشي پاران ٻن ساٿين سان گڏجي ناري کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، متاثر ناري ناري شميم ناز جو چوڻ آهي ته ڄام صاحب ٿاڻي جي وڏي منشي طالب لاشاري ٻن ساٿين سان گڏ اغوا ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جان کي خطرو آهي

ڊي ايس پي بيان نه ورتو، انصاف لاءِ هاءِ ڪورٽ ويندس، متاثر ناري پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته منھنجا مائٽ غريب آھن، مان نوابشاهه جي عدالت ۾ بيان ڏئي چڪي آھيان ته طالب لاشاريءَ پنھنجي ساٿين سان گڏ اغوا ڪيو آھي ۽ ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي پر اڃا تائين طالب لاشاري آزاد گھمي رھيو آھي