حبا بخاري ۽ آرز احمد نڪاح ڪري ڇڏيو

0
568
حبا بخاري ۽ آرز احمد

ڪراچي (شوبز نيوز) گذريل سال ڊسمبر ۾ خاموشي سان مڱڻي ڪندڙ آرز احمد ۽ حبا بخاري نئين سال جي پهرين ئي هفتي نڪاح ڪري نئين زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي، حبا بخاري ۽ آرز احمد جي شادي جون تقريبون ٽن ڏينهن اڳ 4جنري تي شروع ٿيون هيون ۽ ٻنهي پنهنجي ونواهه جي تقريبن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون هيون

 ونواهه جي تقريب دوران ڪنوار ۽ گهوٽ هڪ ٻئي کي ابٽن لڳائڻ جي تصوير ۽ وڊيوز به وائرل ٿي ويون هيون، ونواهه جي تقريب بعد 6 ۽ 7 جنوري تي ٻنهي اداڪارن پنهنجي نڪاح جي تصوير به شيئر ڪندي تصديق ڪئي ته نئين زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي  آھي

 نڪاح جي تصير کي حبا بخاري ۽ آرز احمد سميت انهن جي شادي جا انتظام ڪندڙ فوٽو گرافرز ۽ ايومنٽ مئنيجمينٽ اداري به شيئر ڪيو، ٻنهي طرفان نحاڪ جي شيئر ڪيل تصوير تي شوبز شخصيتن سميت مداحن واڌايون ڏنيون، وليمي جي تقريب 9 ۽ 10جنوري تي ٿيڻ جو امڪان آهي.