ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر ٽائون جي گلاب پاڙو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت جي مرمت جي ڪم سبب 56 شاگرد ۽ شاگردياڻيون 45 سينٽي گريڊ گرمي ۾  هيٽ ويو جي خطري باوجود سخت اس ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن . جڏهن ته گذريل ڏيڊ مهيني کان اسڪولي عمارت جو ڪم ٺيڪيدار جي لاپرواهي سبب سست رفتاري سان هلي رهيو آهي جنهن جي ڪري اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت گرمي ۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن . جڏهن ته ان ڏس ۾ هيڊ ماستر موهن مهراج ۽ لجپت راء جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر ۾ موسميات کاتي طرفان  سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي وارننگ باوجود اسان اس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ ڊيوٽي ڪرڻ تي مجبور آهيون جڏهن ته سخت گرمي ۾ معصوم شاگرد بيمار ٿي وڃن ٿا کين لو لڳي وڃي ٿي . هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي رپيئرنگ تائين کين تنبو فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي .