لاڙڪاڻو/باڊهه (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ باڊهه ۾ ٽرينن جي بحالي لاءِ مختلف سماجي تنظيمن ۽ شهرين ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ، گرين سنڌ فائونڊيشن، سنڌ شهري اتحاد ۽ لاڙڪاڻو سماجي اتحاد پاران سجاد سومرو، حافظ بشير شيخ، ذوالفقار مگسي، رستم شاهه، اي ڊي ابڙو ۽ سيد ارشاد شاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، باڊھه ۾ ٽرينن جي بحالي لاءِ تعلقا مومينٽ جي سڏ تي باڊھه ريلوي اسٽيشن تي شھرين پاران قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته وفاقي حڪومت گذريل برساتن دوران ريلوي ٽريڪ خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي لاڙڪاڻو، دادو، ڄام شورو، ڪوٽڙي ٽريڪ مڪمل بند ڪري ڇڏيو هو، جيڪو اڃا تائين ناهي کوليو ويو، هنن چيو ته لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ بولان ميل، خوشحال خان خٽڪ، قلندر ۽ موهن جو دڙو پئسينجر ٽرين جي آمدرفت مڪمل طور بند ٿي وئي آھي، جنهن ڪري خاص طور يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن، هنن گهر ڪئي ته فوري طور ٽريڪ بحال ڪري ٽرينون هلايون وڃن.