نندو(ن پ ا)  نندو اسپتال ۾ موجود عملي مبينا طور دل جي دوري سبب فوت ٿيل مريض 45 ورهين جي لونگ ڇلگري  کي سوزوڪي مان لاهي چيڪ اپ ڪرڻ بدران کين انڊس اسپتال بدين جو ريفر ليٽر ڏئي  ڇڏيو،   جنهن تي مريض جي وارثن احتجاج ڪيو، بعد ۾ اسپتال ۾ موجود ليڊي ڊاڪٽر ٻيهر مريض جو معائنو ڪري فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻي طرف مريض جي وارثن  رمضان ڇلگري،   خادم ملاح ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ مريض کي بنا ڪنهن علاج  ۽ چيڪ اپ ڪرڻ جي ريفر ليٽر ڏئي اسپتال مان روانو ڪيو وڃي ٿو، نوٽيس ورتو وڃي.