بودرفارم (ن پ ا) بودر فارم ويجهو شادي شده 7 ٻارڙن جي ماءُ ڳورھاري عورت گهرو اڻبڻت تان ڦاھو کاھي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارثن پاران ساهرن تي مارڻ جو الزام، خبر موجب ٽنڊو مري روڊ ڀرسان ھمتا آباد ڪالوني جي رهواسي 7 ٻارڙن جي ماءُ ڳورهاري عورت پوني زال ڌرمچي ڪولھي گهر ۾ ڦاهو کاھي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ھوسڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جي ماءُ ۽ ڀائرن ساھرن تي الزام ھڻندي چيو ته پوني خودڪشي ناھي ڪئي، کيس قتل ڪيو ويو آهي، هنن معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.