حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي قاسم آباد پھچي سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سنڌ سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو ته آءِ ايم ايف جي پاليسين ۽ بي لغام ڪرپشن ملڪ جي معيشت کي يرغمال ڪري ڇڏيو آھي. حڪمرانن وٽ پنھنجي ڪا به معاشي پاليسي ناھي، ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آھي،مردمشماري ۾ ھيرڦير وفاق ۽ صوبن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي چيو ته جي ڊي اي متبادل طاقت آھي. جلد ڪرپٽ حڪومت جو سج لھندو،