لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ميهڙ ويجهو فريد آباد روڊ تي تيز رفتار رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب ڳوٺ کڏ جي رهواسڻ 42 ورهين جي فهميده خاتون زال ارباب وڪو، نصيبه خاتون ۽ نوجوان بابو وڪو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو،جتي ڊاڪٽرن فهميده وڪو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.وارثن ٻڌايو ته عورتون فريد آباد جي ڳوٺ علي خان ٻگهيو ۾ ويجهي مائٽ جي فوتگي جي اطلاع تي  وڃي رهيون هيون ته تيز رفتاري سبب رڪشا ڪلٽي ٿي پيو. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، لاش پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.