نمرتا جي عدالتي جاچ پڌري ٿيڻ سان جوابدارن جو پتو پوي ها، آئون سزا لاءِ تيار هيس: انيلا ميمڻ

0
248
سنڌ ھاءِ ڪورٽ: وي سي انيلا

ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان ميمڻ چيو آهي ته نوشين شاهه معاملي جي پوليس پاران ڪيل شروعاتي جاچ ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته واقعو خودڪشي آهي، پوسٽ مارٽم اچڻ بعد حقيقت ظاهر ٿيندي، پوليس جي جاچ اڃا جاري آهي، نمرتا معاملي جي جوڊيشل انڪوائري ( عدالتي جاچ) پڌري ڪئي وڃي ها ته شايد جوابدارن جو پتو پئجي وڃي ها

جيڪڏهن آئون به ذميوار هجان ها ته هرڪا سزا ڀوڳيان ها، نه رڳو اهو پر  اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي ها، ڪنهن شاگردياڻي پاران  هاسٽل جي ڪمري جي تبديلي بابت درخواست سڌي ريت وي سي کي ناهي ملندي، ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڊائريڪٽر سميت ٻين کي اها ملي هوندي، اسان  انهي جي به جاچ ڪرايون پيا ته ڪمري جي تبديلي لاءِ نوشين شاهه ڪيتريون درخواستون ڏنيون؟  ٽائيم نيوز سان ڪيل خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ھن چيو ته آئون پاڻ ھڪ ماءُ  به آهيان ۽ اداري جي سربراه به آهيان، آئون ڇو چاهينديس ته منهنجي يونيورسٽي ۾ اهڙا واقعا ٿين، مون ٽن سالن ۾ يونيورسٽي ۾ رڪارڊ ڪم ڪيو آهي

هن چيو ته  نمرتا واقعي وقت نه رڳو مونکي پر منهنجي گهر ڀاتين کي به گاريون ڏنيون ويون، هن وقت به اهي ئي ماڻهو ساڳيو رويو اختيار پيا ڪن، ڇا آئون هن سنڌ جي نياڻي ناهيان؟ اهڙا واقعا رڳو اسانجي يونيورسٽي ۾ نه پر ٻين هنڌن تي به ٿين ٿا، آئون ڪنهن جو نالو نٿي کڻان پر اسانجي ڀرپاسي وارن علائقن جي يونيورسٽين ۾ اهڙا واقعا ٿيا آهن پر ڪجهه ماڻهو آهن، جيڪي اسانکي نشانو بڻائين ٿا، هن چيو ته  آئون جڏھن نمرتا جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ ويس ته اتي موجود شخص مونکي گار ڏني، جنهن تي مون کيس ٿڦڙ هنئي، منهنجو  اهو رد عمل فطري هو، ڪير به هجي ها ته گاريون برداشت نه ڪري ها، هن چيو ته نوشين شاهه واري واقعي کانپوءِ فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو، وارثن جي اچڻ بعد لاش لاٿو ويو، هن وقت اهو ڪمرو سيل آهي، اسان  جوڊيشل انڪوائري لاءِ  پڻ لکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته نمرتا واقعي کانپوءِ ٿيل جوڊيشل انڪوائري جي رپورٽ يونيورسٽي کي ڏيڻ لاءِ سيشن جج کي پڻ لکيو هو پر اها ناهي ملي، هينئر وري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي کي لکيو آهي ته اها رپورٽ گهرو کاتي کان منظر عام تي آڻڻ لاءِ ورتي وڃي،  هن چيو ته نوشين شاهگ جي وارثن سان تعزيت لاءِ ضرور وينديس،اسانجي  ڪاليج جو پرنسپال ۽ يونيورسٽي جو رجسٽرار ٿي آيا آهن، منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي، انهي ڪري ڪونه وڃي سگهيس پر هاڻ تعزيت لاءِ وينديس، هن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن جي ڪائونسلنگ ٿيڻ گهرجي

  ماهر اچي اسانجي استادن کي به تربيت ڏين ته ڪلاس ۾ موجود شاگرد ڪهڙي ڪيفيت ۾ آهي؟ ڇاڪاڻ جو نصاب ۾ اهڙو ڪجهه  به پڙھايو نٿو وڃي، اسان  هاڻي سيمسٽر نه پر ساليانو امتحان وٺندا آهيون، انهي ڪري شاگردن تي پڙھائي جو به ڪو ذھني دٻاءُ ناهي هوندو، هن چيو ته اڄڪلهه جي نوجوانن تي انٽرنيٽ جا منفي اثر تمام گهڻا پئجي رهيا آهن، ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان چيو ته آئون پاڪستان ڇڏي ڪونه پي ويس، رڳو 10 ڏينهن لاءِ مانچسٽر جي يونيورسٽي جي امتحانن ۾ بطور سپروائيزر وڃڻي هيس،  آئون اتان جي شاگردن جي به سپروائيزر آهيان،  انهي سفر ۾ لنڊن انهي ڪري شامل هو جو  اسانجا ڪجهه ڪلاس فيلو هتي آهن،  اسان ڪينسر تي تحقيق بابت ڪم پي ڪيو، لندن ۾ انهن سان به ملي وٺان ها، منهنجي موڪل يا پرڏيهي پروگرام نوشين واقعي کان اڳ جو هو،  نوشين واقعي کانپوءِ مون پاڻ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي کي لکي پنهنجي پرڏيهه موڪل تي نه وڃڻ جي آگاهي ڏني، ڇاڪاڻ جو يونيورسٽي جي شاگردياڻي منهنجي لاءِ اولاد جيان هئي،  خدانخواسته  گهر ۾ ڪو واقعو ٿي وڃي ته ماڻهو ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟ انهي ڪري مون پرڏيهه وارو پروگرام ملتوي ڪيو آهي. هن چيو ته مون لاءِ ٻئي واقعا تڪليف ڏيندڙ آهن، سوشل ميڊيا سميت جديد دور به انهن واقعن جا ڪارڻ آهن، ويسٽرن ڪلچر به هڪ ڪارڻ آهي، هاڻي اسان مجبور ٿي ويا آهيون ته ڏسون ته ڪهڙا ذهني مسئلا آهن؟ جيڪي ٻارن کي ايتري حد تائين وڃڻ تي مجبور ڪن ٿا، اسان پنهنجي اداري جا معاملا به ڏسون ته ڪٿي اداري جي ڪا کوٽ ته ناهي، اسان وٽ سيڪيورٽي ايتري سخت آهي جو ڪو پکي به پر نٿو هڻي سگهي، شاگردياڻيون سامان وٺڻ به وينديون آهن ته هاٽ لائين ذريعي والدين کي ٻڌائي ڇڏيندا آهيون، سي سي ٽي وي جو مڪمل سسٽم آهي، نمرتا واقعي بعد ڪوريڊور ۾ به سي سي ٽي وي ڪميرائون لڳايون،  جج ۽ ايس ايس پي جي موجودگي ۾ شاگردياڻين پرائيويسي بابت خدشا ظاهر ڪيا ته پوءِ ڪوريڊور مان سي سي ٽي وي ڪيميرائون هٽايون ويون، اچڻ ۽ وڃڻ وارو در هڪ ئي آهي، چوديواري به ڏياريسين، ڪرنٽ به لڳرايوسين، سڪيورٽي جو ڪو اشو ناهي، نوشين واقعي جي عدالتي انڪوائري ڪرائي رپورٽ ضرور پڌري ڪرڻ گهرجي،