سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دُراني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

0
197
اسلام آباد: آغا سراج دراني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني جي شهيد بينظير ڀٽو لياري يونيورسٽي ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ڪٿي آهن؟، پيش ڇو نه ٿيا، ضمانت جي درخواست ۾ جوابدارن جو عدالت پيش ٿيڻ لازمي هوندو آهي

ان تي وڪيل چيو ته آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي ان ڪري هو پيش نه ٿي سگهيو۽ منهنجي موڪل جي طبعيت به خراب آهي، ان لاءِ اڄ عدالت نه اچي سگهيو

جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دُراني جي 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي جوابدارن کي 10 ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالت آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي