ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورت مارچ تي پابندي لاءِ داخل درخواست رد، عدالت درخواست گذار بسمه نورين عرف امير جھان تي 25 ھزار رپيا ڏنڊ پڻ لڳائي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورت مارچ تي پابندي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. عدالت چيو ته جيڪڏهن درخواستگذار ڏنڊ نه ڏي ته سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو وڃي، عدالت چيو ته درخواستگذار وٽ اهڙو ڪو به مواد ناهي جنهن جي بنياد تي پابندي لڳائي سگهجي، درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد مشهوري حاصل ڪرڻ آهي، درخواستگذار ڌر متاثر ناھي، ان موقعي تي درخواستگذار چيو ته 8 مارچ تي عورتن جي مارچ تي پابندي لڳائي وڃي، مارچ ۾ لڳندڙ نعرا اسان جي معاشري جي خلاف آهن. عدالت رمارڪس ڏنا ته درخواستگذار جن نعرن تي اعتراض ڪيو آھي انهن نعرن ۾ ڪا به اعتراض واري ڳالهه نه آهي، پاڪستان جو آئين سڀني شهرين کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڏئي ٿو، عدالت درخواست گذار کي ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.