اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار، فنڊنگ ڪيس ۾ نيب به سرگرم، نيب ٽيم زمان پارڪ لاهور پهتي، گارڊن روڪي ورتو، نيب ٽيم نوٽيس ڏيڻ بنا ئي واپس هلي وئي، تفصيل موجب  اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا توشا خانه ڪيس ۾ جاري ڪيل ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عمران خان جي وڪيلن گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي. اسلام آباد جي عدالت عمران خان طرفان داخل درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن کي برقرار رکيو، عدالت چيو ته عمران ڄاڻي واڻي پيش نه ٿيو، عمران خان سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي پوزيشن ۾ هو، وارنٽ برقرار رکون ٿا، اسلام آباد جي عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ عمران خان کي طلب ڪيو آهي. ٻئي پاسي عمران خان جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته هو عدالت جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا. هوڏانهن  نيب لاهور جي ٽيم عمران خان کي نوٽيس ڏيڻ بنا زمان پارڪ کان واپس رواني ٿي وئي، 2 رُڪني ٽيم طرفان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان به انڪار ڪيو ويو، نيب لاهور جي ٽيم بندش پيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي نوٽيس ڏيڻ لاءِ زمان پارڪ پهتي هئي، سيڪيورٽي گارڊن عمران خان تائين پهچ ڏيڻ کان انڪار ڪندي نيب ٽيم کي گهر اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو، نيب ٽيم نوٽيس ڏيڻ بنا ئي واپس ٿي وئي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير رانا ثناءُ الله  چيو آھي ته عمران خان کي عدالتن ۾ پيش ٿيڻو پوندو ٻي صورت ۾ ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي هن وڌيڪ  چيو ته گھرو وزير چيو ته ڪالھه پوليس ٽيم عمران خان جو گرفتاري وارنٽ کڻي لاھور وئي ته پي ٽي آءِ وڏو ڊرامو ڪيو، پھريان ھو ديوار ٽپي پاڙيسري جي گھر ھليو ويو ۽ چيو ويو ته ھو گھر ۾ ناھي. تلاشي ورتي وڃي، ان جي ڪجھه دير بعد ان اُتان ئي اچي وڏي تقريري ڪئي.  هن چيو ته جيڪڏھن پوليس طرفان عمران کي گرفتار ڪرڻو ھيو ته پوءِ اِن طرح وڃڻ ڪا مناسب حڪمت عملي نه ھئي، پر  پوليس اِن مقصد لاءِ وئي ھئي ته ان کي عدالتي حڪم کان آگاھ ڪيو وڃي. جيڪڏھن ھو پاڻ چاھي ھا ته عدالتي حڪم مطابق گرفتار ڏئي سگھي پيو يا اھو چئي سگھي پيو ته مقرر تاريخ تي عدالت ۾ پيش ٿيندس. گهرو وزير چيو ته جنھن ڏينھن عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو ھوندو ۽ اھو ڏينھن ھاڻي گھڻو پري ناھي. ان ڏينھن ان کي پيش ڪيو ويندو ته جئين ھو پنھنجي ڪيسن کي منھن ڏئي. ھن چيو ته عمران خان خلاف ڪجھه شيون ڪافي واضع آھن ھن ھڪ پراپرٽي ٽائيڪون جا ضبط پئسا واپس ڪري 50 ارب رپين جو قومي خزاني کي نقصان پھچايو ۽ ان جي بدلي ھن 5 ارب رپين جي زمين ورتي. ھن چيو ته جڏھن ھو ٻين خلاف ڪرپشن جو جعلي ماتم ڪري رھيو ھو ان وقت ان جي فرنٽ پرسن فرح گوگي اربين روپيا ٻاھر منتقل ڪري رھي ھئي، توشا خاني جون جعلي رسيدون ٺاھيون، سمورين ڳالھين جو عمران خان کي عدالت ۾ جواب ڏيڻو پوندو، اسان کي اِن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو به شوق ناھي، پر ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو. عدالت ۾ اچي الزامن جو جواب ڏئي. عدالت ان کي آزاد ڪري ڇڏي  اسان تسليم ڪنداسين ۽ جيڪڏھن عدالت کيس سزا ڏئي ٿي ته پوءِ ھو سزا ڪاٽي.  ھن چيو ته عمران خان کي ٻين کي سزائون ڏيارڻ جو وڏو شوق ھيو، پنھنجو وارو آيو آھي ته ھاڻي عدالتن کي منھن ڏئي. عدالت ۾ پنھنجي بي گناھي ثابت ڪري، عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته طريقيڪار مختلف به ٿي سگھي ٿو.  رانا ثناءُالله چيو ته عمران کي مڇ جيل نه پر ري هيبليٽيشن سينٽر ۾ رکيو ويندو، جتي ٽيسٽون ڪرايون وينديون، گرفتاري لاءِ نواز شريف يا ڪنهن ٻئي جو دٻاءُ ناهي.