نئين سال جي آمد جو جشن: موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش، هوائي فائرنگ ڪندڙ جيل ڀيڙا ٿيندا

0
227

ڪراچي انتظاميا نئين سال جي آجيان جي موقعي تي ٻن ڏينهن لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي

ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪراچي ۾ سي ويو ڏانهن ويندڙ رستا کليل رهندا

ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي پاليسي تحت سي ويو ڏانهن ويندڙ رستا بند نه ڪيا ويندا، سي ويو ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي ون وي ڪيو ويندو

شهري خيابان شاهين ۽ اولڊ ڪلفٽن جي رستن سان سي ويو وڃي سگهندا، سي ويو جي ٻنهي روڊن کي رڳو وڃڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو

 صبا اوينيو جي پاسي کان سي ويو ڏانهن ويندڙ ننڍا رستا بند ڪيا ويندا، شهري دو دريا يا خيابان اتحاد جي رستي سي ويو مان ٻاهر نڪري سگهندا، سي ويو جي سروس لين ۾ پارڪنگ جي اجازت نه هوندي