ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ هڪ ڀيرو ٻيهر گھُر ڪئي آهي ته مُلڪ ۾ نئين سِر آدمشماري ڪرائي وڃي، سنڌ سرڪار آدمشماري واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ وڃي رهي آهي، مڪاني چونڊ قانون ۾ ترميم بعد ئي ٿي سگھن ٿيون، سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته مون سي سي آءِ اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جو موقف رکندي هڪ سال اندر نئين سِر آدمشماري جو مطالبو ڪيو پر منهنجي ڳالهه نه مڃي وئي. هن چيو ته آدمشماري گھٽ ڏيکارڻ سبب اسان کي مالي وسيلن ۾ حصو گھٽ ملي ٿو، ان ڪري ترقياتي ڪمن سميت کوڙ مسئلن ۾ ڏکيائون پيش اچن ٿيون، سي سي آءِ مان سنڌ جي مخالفت باوجود آدمشماري منظور ڪرائي وئي. هن چيو ته 5 سيڪڙو بلاڪس جي نئين سِر ڳڻپ ٿيڻي هئي پر وفاق اها به نه ڪرائي، وفاق جيڪا ڪاميٽي جوڙي ان ۾ به صوبن کان صلاح مصلحت نه ڪئي وئي، وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي سرڪار ڪراچي لاءِ جيترا پئسا رکيا آهن يا خرچ ڪيا آهن، ايترا ٻين حڪومتن ۾ ناهن ٿيا، هن چيو ته ڪميونٽي پروگرام بند ڪيو آهي، اسان ترقياتي ڪم ڪرايون ٿا، مخالف ڌر کي انهي تي اعتراض ڇو ٿو ٿئي؟ وڏي وزير چيو ته دادو ۽ ٻين علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن پينشن جي مد ۾ 132 اڪائونٽس ذريعي وڏو فراڊ ڪيو، جنهن جي انڪوائري نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، ٽريزري کاتي، ٻن بينڪن ۽ ناڻي کاتي جي ڪجهه آفيسرن گڏجي ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهيا ۽ پئسا شفٽ ڪيا، هن چيو ته مون پوري ڪوشش ڪئي ته سنڌ سرڪار کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي نظام مان آجو ڪرايان ڇاڪاڻ ته هڪ تاريخي زباني معاهدي تحت اسان جي اڌ کان وڌي ٽريزري آفيسن جا انچارج آڊيٽر جنرل پاڪستان جا آفيسر آهن، انهي ڪري اسانکي هر فراڊ، ڪوڙي اڪائونٽ ٺهڻ، بوگس پگھارن ۽ ٻين معاملن لاءِ وفاق سان لکپڙهه ڪرڻي ٿي پوي، ان ڪري بوگس پگھار کڻندڙن کي پڪڙڻ به ڏکيو ٿيو پوي، مراد علي شاھ چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگھارون وڌائڻ چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ تياري ڪئي پئي وڃي. اسان وٽ وسيلا گھٽ آهن پوءِ به پگھارون وڌائڻ چاهيون ٿا، ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي يونس سومرو ۽ ثروت فاطمه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر سندن مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته گذريل ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر جي اختيارن کي چيلنج ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ سُٺو عمل ناهي، آئينده ائين نه ٿيڻ گھرجي. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي قرارداد پاس ڪئي وئي ته اسيمبلي اجلاس دوران نماز جو وقفو ڪيو وڃي،