ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 16ضلعن  ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽  ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ دوران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ ڪالهه آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ سي پي او ۾ اعليٰ سطحي اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي جي  ايڊيشنل آءِ جي شهر ۾ چونڊن لاءِ جوڙيل سيڪيورٽي پلان، ناڪابندي ۽ پوليس  اهلڪارن جي مقرري بابت بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ چيو ته  چونڊن دوران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکي وڃي، وقت به وقت سيڪيورٽي مانيٽرنگ، اسنيپ چيڪنگ ۽ نگراني کي يقيني بڻايو وڃي، سمورين پولنگن ۽ آسپاس جي آبادي ۾ پرامن ماحول کي يقيني بڻايو وڃي، امن امان جي صورتحال تي مڪمل طور ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي لحاظ سان پلان تحت سيڪيورٽي ۽  نفري جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، اهلڪارن کي سندن ذميوارين بابت اڳواٽ بريفنگ ڏني وڃي، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اينٽي رائيٽ رزرو ۽ ڪيو آر ايف پلٽونن  کي تيار رکيو وڃي