اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ تڪبندين خلاف متحده جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 28 آگسٽ تي هر صورت ۾ ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪبندين خلاف درخواستن تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي. بنا مقابلي چونڊيل نمائندن جو وڪيل خالد جاويد خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ به يونين ڪاميٽين جي انگ جو تعين حڪومت ڪندي آهي، آبادي کانسواءِ ٻين عملن کي ڌيان ۾ رکندي حد ۽ تڪبندي ڪئي ويندي آهي،  قومي اسيمبلي جو تڪ چئن لکن جو هجي يا ڏهن لکن جو، وزيراعظم لاءِ ووٽ برابر هوندو آهي. چيف جسٽس پاڪستان سوال ڪيو ته ايم ڪيو ايم جيڪي نڪتا سپريم ڪورٽ ۾ اُٿاريا آهن اهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڇو نه اُٿاريا ويا؟ پولنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پهرين مرحلي جي چونڊ روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ چيو ته جنوري کان جون تائين ايم ڪيو ايم وارا ڇو ستا پيا هئا ؟ اپيل ۾ نون نڪتن جو جائزو ڪيئن وٺي سگهون ٿا. خالد جاويد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي تڪن جو انگ تبديل ڪرڻ جو اختيار آئين به نٿو ڏئي، تڪن جو انگ آئين ۽ قانون ۾ معتين ڪيل هوندو آهي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پنهنجن دليلن ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم تڪبندي اختيارين سان رابطو ئي ناهي ڪيو، اليڪشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪم ڪندا آهن، اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي ڪيئي تڪبنديون تبديل ڪيون ويون، ووٽرز کي تڪبندين سان ڪو فرق ناهي پوندو، سياسي پارٽين جو مسئلو رڳو ميئر جي چونڊ جو آهي، اها ڪنهن خبر ته اهو ميئر ڪهڙي پارٽي جو چونڊيو ويندو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته تڪبنديون ايتريون عام نوعيت جون به نه هئڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن کي سمجهائڻو پوندو ته تڪبنديون ڪهڙي بنياد تي ڪيون وينديون آهن، مسئلو رڳو چونڊن جو ناهي ترقياتي اسڪيمن ۽ فنڊن جو به هوندو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اندرون سنڌ مان ڪيس آيا ته ٻن ضلعن کي گڏائي هڪ تڪ جوڙيو ويو آهي، ٻئي پاسي هڪ ضلعي جا ٻه ٻه تڪ ٺاهيا ويا آهن، هڪ تڪ  ۾ 10 لک ووٽر هوندا آهن ته ٻئي پاسي وري چئن لک ووٽرن جو تڪ هجي ته اها زيادتي آهي، درست نمائندگي نه هئڻ ۽ فنڊن جي ڪري ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبو بڻائڻ جو ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ انهن نقطن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ٻڌنداسين. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ 28 آگسٽ تي ئي ٿيندي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم پهرين مناسب فورم سان رابطو ڪري، حقيقتن جو تعين ٿيڻ تي ئي قانوني نقطا عدالتن ۾ اُٿاري سگهجن ٿا، ڪائي به آئيني عدالت حقيقتن جو درست تعين ڪرڻ کانسواءِ فيصلو نٿي ڪري سگهي، جيڪي نقطا هاءِ ڪورٽ ۾ نه اُٿاريا ويا اهي هن اپيل ۾ سڌا سنوان نٿا ٻڌي سگهجن. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو برساتن ۽ جماعت اسلامي جي درخواست سبب 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪيو هو.