ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم پاران داخل ڪيل درخواست تي 25 آگسٽ تائين ڌرين جي وڪيلن کان قانوني نقطن بابت معاونت طلب ڪري ورتي. ڪالھه ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏھن مڪاني ادارن جون تڪبنديون ئي صحيح نھ ھونديون تھ عوام کي سندن بنيادي حق ملي نه سگھندا، جنھن تي چيف جسٽس چيو تھ تڪبندين وارو معاملو اڳ ۾ ئي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ھيٺ آھي، ساڳئي معاملي تي ھاءِ ڪورٽ ڪيئن فيصلو ڏئي سگھي ٿي؟ جنھن تي درخواستگذارن جي وڪيل چيو تھ سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جون سياسي جماعت طور  درخواستون آھن، جيڪي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف آھن، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ پهتل  درخواستون ووٽرز پاران تڪبندي اپيلٽ اٿارٽي خلاف آھن، جنھن تي عدالت ڌرين جي وڪيلن کي قانوني معاونت لاءِ تياري ڪري پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪئي. ياد رھي تھ سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاران مڪاني ادارن جي تڪبندين بابت داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آھي.