اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري شهباز گل جو جسماني رمانڊ منظور ڪندڙ اسلام آباد جي جج کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو جج جيڪو ڄاڻي واڻي تشدد لاءِ پوليس سياسي ڪارڪنن جو رمانڊ گهري رهي آهي رمانڊ تي اماڻيندا آهن اهي قومي ڏوهاري آهن. انساني حقن جا جيترا بخيا پاڪستان ۾ اڊيڙيا پيا وڃن ان جو مثال نه ٿو ملي. شهباز گل کي جاچ لاءِ نه تشدد لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو پيو وڃي.