مٽياري (رپورٽر) مٽياري ايريگيشن کاتي جي ملازم دلبر ڀنڀرو جي گهر مان چور الهه تلهه ٻھاري ويا، پوليس ذريعن موجب ايريگيشن کاتي جي ملازم دلبر ڀنڀرو مٽياري ٿاڻي تي پهچي فرياد ڪيو آهي ته اسان عام معمول موجب گهر اندر ستل هئاسين صبح سوير اٿياسين ته گهر جي سائيڊ واري دري ٽٽل هئي ۽ ڪمري ۾ پيل الماري جا در کليل هئا ۽ لاڪر ڀڳل هو ۽ هڪ پيتي گم هئي هن وڌيڪ چيو ته گهر ۾ پيل ڀاءُ جو پسٽل، روڪ رقم، سونا زيور، ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان چور گهر جي دري ڀڄي کڻي ڦرار ٿي ويا آهن جنهن بعد پوليس رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي، ٻئي پاسي دلبر ڀنڀرو جو چوڻ آهي ته پوليس کي ٿاڻي تي پهچي فرياد ڪيو آهي پر مڙئي رپورٽ داخل ڪري سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور چور گرفتار ڪري مونکي پنهجو چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.