مٽياري (رپورٽر) عدالتي حڪم تي ٽئين مرحلي ۾ ٻيلن اندر ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ بٺو ۽ ڪيٽي بٺو ۾ آپريشن ڪيو ويو، ٻيلي کاتي جي ذريعن موجب سوين ايڪڙن تي بيٺل مٽرن، ٽماٽي، ڌاڻن ۽ ٻيا فصل ڀيلايا ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي لڳل ٽيوب ويل پٽرائي، پائيپ لائيون ڪڍيون ويون ۽ قبضي هيٺ آيل زمينن ۾ قبضا گيرن پاران قائم ڪيل واٽر ڪورس به ڊاهي پٽ ڪيا ويا ، ان حوالي سان ڊويزنل فاريسٽ آفيسر عابد رند ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تي بٺو ۽ ڪيٽي بٺو ۾ ڪارروايون ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڀيلايو آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ٺهيل واٽر ڪورس پڻ ڊاهي بند ڪيا آهن ۽ ڪافي هنڌن تان ٽيوب ويل پٽي پائيپ به ڪڍي ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪارروائي جاري رهنديون.