گمبٽ (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي گمبٽ ابل واهه جي ٻنهي ڪپرن تان ڊاهيل غير قانوني دڪان جي تعمير جو ٻيهر ڪم شروع ٿي ويو، ايريگيشن عملي ايس ڊي او غير قانوني اڏاوتون ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او گمبٽ کي ليٽر لکي ڇڏيو آهي پر ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو. ان سلسلي۾
ايگريشن عملدارن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ابل واهه جي ٻنهي ڪپرن تان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي غير اڏاوتن خلاف آپريشن ڪيو هو. پر ڪجهه دڪاندار ٻيهر تعمراتي ڪم ڪرائي رهيا آهن جن خلاف اڄٻهير سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن گمبٽ پوليس ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايريگيشن وارن درخواست ڏني آهي پر ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن آيا جيڪڏهن ايريگيشن عملدار ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.