مٽياري (رپورٽر) صحت کاتي مٽياري جي ڏھاڙي تي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن گذريل اٺن مھينن کان پگھارون نہ ملڻ خلاف منير جمالي . سيد عامر لطيف شاھ ۽ منصور جمالي جي اڳواڻي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين جو چوڻ ھو ڪرونا جھڙي ڏکي صورتحال ۾ بہ اسان پنھنجي صحت خطري ۾ وجھي ايمانداري سان ڊيوٽي ڪئي ان باوجود اسان کي گذريل 8 مھينن کان پگھارون نہ پيون ڏنيون وڃن ھر مھيني ڊي ايڇ او مٽياري مختلف ھيلا بھانا بڻائي اسان کي جواب ڏيو ڇڏي جنھن سبب اسان سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھيون مظاھرين جو چوڻ ھو تہ پگھارون نہ ملڻ سبب اسان جا ٻچا بکن تي آھن پر عملدارن کي ڪو فڪر ناھي اسان وزير صحت سنڌ سيڪريٽري صحت توڙي ڊي جي صحت کان مطالبو ٿا ڪيون تہ اسان جي مسئلي جو نوٽيس وٺي اسان کي پگھارون جاري ڪيون وڃن.