ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو جمڙائو ڪئنال جي موري ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان ناياب نسل جو واڳون مئل حالت ۾ ڦاٿل، خبر موجب جمڙائو ڪئنال جي موري جي دروازن ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان مئل حالت ۾ ناياب نسل جو واڳون ڦاٿل آهي، رابطو ڪرڻ تي وائلڊ لائيف عملدار اسد علي مري ٻڌايو ته مئل حالت ۾ جمڙائو جي دروزان ۾ واڳون جي ڦاٿل ھجڻ جي سوشل ميڊيا وسيلي خبر پئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ته واڳون سکر کان  نارا ڪئنال ۾ مئل حالت ۾ لڙھي اچي ڦاٿو آھي يا واڳون کي ڪنڊي ذريعي ڦاسائي ماري ڦٽو ڪيو ويو آهي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته واڳون جي کل قيمتي ھجڻ ڪري شڪاري سانگهڙ ضلعي ۽ خيرپور ضلعي جي ڍنڍن ۾ ڪنڊين ذريعي شڪار ڪري کل لاھي باقي واڳو کي پاڻي ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن.