مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت، هڪ ڄڻو زخمي، خبر موجب سازدا لڪ موڙ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان امرت ميگھواڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻلهو ميگھواڙ زخمي ٿي پيو، فوتي نوجوان جو لاش مٺي سول اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، زخمي نوجوان جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي، فوتي نوجوان جو تعلق ڏيپلو جي ڳوٺ ڪوئنرل سان ٻڌايو پيو وڃي.