ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس لائين جي شاپنگ سينٽر جي سمورن دڪاندارن کي هفتي اندر دڪان خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، تفصيل موجب ميرپورخاص پوليس لائين جي شاپنگ سينٽر ۾ قائم 50 کان وڌيڪ دڪانن جي ڪرائيدارن کي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ھيڊ ڪواٽر پوليس سپريم ڪورٽ جي حڪم جو حوالو ڏيندي 8 ڏينهن اندر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، اھڙا نوٽيس ملڻ بعد شاپنگ سينٽر جي ڪرائيدارن ۾ خوف واري لھر ڇائنجي وئي آهي، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته هنن جون دڪانن ۾ ڪروڙين روپين جون سيڙپ ڪاريون ٿيل آھن، دڪان خالي ڪرڻ سان کين وڏو نقصان ٿيندو، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر محمد اسلم جاگيراڻي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو پوليس سميت مڙني فورسز جي زمينن تي ٺهيل ڪمرشل اڏاوتن کي ڊاهڻ جو فيصلو آيل آهي، جنهن حڪم تحت اھڙو نوٽيس جاري ڪيو ويو آھي، هن ٻڌايو ته ايندڙ 3 تاريخ تي سپريم ڪورٽ ۾ دڪانن بابت آءِ جي سنڌ کي پيش ٿي رپورٽ ڏيڻي آهي، هن چيو ته شاپنگ سينٽر هر صورت ۾ خالي ڪرايو ويندو، دڪان خالي نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.