ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ لڳ انڊس هاءِ وي روڊ سان گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڀرسان موٽر سائيڪل سوار 2 نامعلوم هٿيار بندن روڊ سان گذرندڙ ڪار کي روڪي ڪار ۾ ويٺلن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪري واپاري عرفان شيخ کان 15 لک 65 هزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته متاثر واپاري عرفان شيخ يهڙ ٿاڻي تي پهچي پوليس کي ڦر جو اطلاع ڏنو پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، واپاري مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦريل رقم واپس ڪرائي وڃي.