گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪالو سانگي ۾ ثناءَالله سانگي جي 10جريب زمين جي ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم جوابدارن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. متاثر ثناءَ الله سانگي موجب ته ڪڻڪ جي ديري کي باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي، فائر برگيڊ جي گاڏي نه پهتي، ڪڻڪ جو ديري سڙي ويو اهڙي واقعي جي نامعلوم ماڻهن مٿان گهوٽڪي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي.