دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ  مختيار احمد ، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، پي پي ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ، برهمان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ، فريادي ڌر ام رباب چانڊيو لاڙڪاڻو هاء ڪورٽ جي ڪيس نه هلائڻ واري اسٽي آڊر سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي ، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 6 ، آگسٽ تي مقرر ڪئي آهي