دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان پاٽ شريف ۾ 4 ڏينهن اڳ قتل ڪيل عاشق برهماڻي  جي واقعي ۾ ملوث  جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي ماء ماروي ، ڀيڻ حاڪم زادي ۽ نظير برماڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته واقعي کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود رڪڻ پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري ، جوابدار تڏي تي اچي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ، هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اسان کي به قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ايف آء آر ۾ نامزد ذوالفقار ، امام الدين ، شاهد چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.