ميرپور ساڪرو ويجهو نينگر شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت

0
916

ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪرو ويجهو ڳوٺ طالب خان بلوچ ۾ نينگر شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، ساڪرو ٿاڻي جي ننڍي منشي الھداد ڪلمتي جو 8 ورھين جو پٽ اسامه ٽاڪاڻي شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، نينگر کي تعلقه اسپتال ساڪرو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن به نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، معصوم نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو .