ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو

0
230
ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جي

ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ايس يو پي پاران مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن سميت شهرين به شرڪت ڪئي، جنهن دوران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۽ برسات سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا

سيد زين شاهه ۽ ٻين چيو ته  اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ سبب 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا: وڏو وزير