ميهڙ ۾ نوجوان جي قتل ۽ بدامني خلاف شٽربند هڙتال

0
214

ميهڙ ۾ شيخ برادري ۽ شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نوجوان جي قتل ۽ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي

ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

شٽربند هڙتال سببب شاھي بازار، اناج  منڊي،ڪلاٿ مارڪيٽ، سونارا بازار،  ريشم گلي ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رهيا

اڳواڻن چيو ته  ڦورن سان مزاحمت دوران سعيد شيخ قتل  ۽ اسلم کوسو زخمي ٿي پيو هو، پوليس  جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي

مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني جي باهه ڀڙڪيل  آهي، واپاري توڙي رهواسي سخت خوف  ۾ ورتل آهن، نوٽيس ورتو وڃي