ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تيجي ڪولھي زميندار نبيداد ۽ ٻين خلاف پنھنجي گھر ڀاتين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 491 جي درخواست داخل ڪرائي، ٻئي پاسي گنيش ميگھواڙ زميندار محمد علي پنجابي وٽ قيد پنهنجي 7 گهر ڀاتين جي بازيابي لاءِ درخواست ڏني، جنھن بعد عدالتي حڪم تي تعلقي پوليس زميندارن جي نجي جيلن ۾ قيد 16 ھارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيا، جتي عدالت سمورن ھارين کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، بازياب ٿيلن ۾ شريمتي ميران، مڪيش، رميش اوم پرڪاش، ھرمي، ڏيون، پارو،شريمتي گڏي، ڪولي، راجو، راڻي مولچند، مرگھن، وشال، ڪارو ۽ پوجا شامل آھن.