وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ گھٽا ڏئي قتل ڪيل 40 ورهين جي زاھد جوڻيجو جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاڪ ڪتاب کڻي رتوديرو_ وارث ڏنو ماڇي مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام محمد، خانڻ، ڌڻي بخش، نثار، ظھير، موران خاتون، نصيبان خاتون، پرھ خاتون، پناھ خاتون ۽ صائما خاتون دانهيندي چيو ته اسانجي نوجوان زاهد جوڻيجو کي جوابدارن اغوا بعد بيدردي سان گھٽا ڏئي قتل ڪيو، هنن چيو ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن پر پوليس رشوت وٺي کين گرفتار نه ٿي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.