ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) 11 سو گرام چرس ڪيس ۾ جوابدار ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽي مھينا اڳ ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ڀائي خان عرف لطف کي گرفتار ڪري وٽائنس 11 سئو گرام چرس ھٿ ڪري مٿس نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جيڪو ڪيس ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.