باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ھٽي ڀرسان کوھ مان ڳوٺ ملان ابڙا واسي 50 ورھين جي ڳوٺاڻي عبدالغفور عرف لاهوتي ابڙو جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ته بقاپور پوليس شڪ جي بنياد تي ڳوٺ رحيم ٻگھيو مان 4 ڄڻن علي گل ميمڻ ، عصمت الله ميمڻ ، اسد الله ميمڻ ۽ اياز ميمڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ھوڏانھن اي ايس پي هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻي محمد ڪليم ملڪ فوتي جي وارثن کي جاچ جي سلسلي ۾ پاڻ وٽ گھرايو، جنهن بعد مقتول جا وارث ڳوٺاڻا لعل بخش ابڙو ، انور ابڙو ، محمد صالح ابڙو ، جاويد ابڙو، ۽ ٻيا وفد جي صورت ۾ اي ايس پي هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻو سان ملاقات لاءِ سندس آفيس پھتا پر اي ايس پي آفيس نه پھتو، جنهن بعد ڳوٺاڻا واپس موٽي آيا.