ميروخان/بهرام (نمائندن وٽان) بهرام ڀرسان پاڻي جي واري تان مگسي ۽ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن ڄڻن محمد پنهل مگسي ۽ محمد رمضان مگسي جا مڙههجنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، جنازي نماز ۾ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن بهرام ٿاڻي تي ذوالفقار علي مگسي جي فرياد تي ٻن ڄڻن جي قتل جو 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار ۾ احمد علي مھر، علي محمد مھر، انور علي، رسول بخش، پيارل، حسين بخش، صدوروخان، جمالدين پتوجو ۽ هڪ نامعلوم شامل آهن، پوليس ڌرين ۾ وڌيڪ رتو ڇاڻ روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي، مقتولن جي وارثن صاحب خان مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي، پاڻي جي واري تان ٻن ڄڻن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، هوڏانهن ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.