نوشهروفيروز (رپورٽر) ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي پيرسن خان محمد سولنگي پوليس اھلڪار موسيٰ سولنگي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ھن ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ ڀريا پوليس جي ايس ايچ او ۽ ٻين اهلڪارن منھنجي پٽ شفيق سولنگي کي گھران کنڀي کڻي وڃي تشدد ڪرڻ بعد آزادي لاءِ رشوت جي گھر ڪئي رشوت نه ڏيڻ تي پوليس پٽ کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. پوليس جي اھڙي ظلم خلاف لاڳيتو احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت جا در کڙڪائيندو رھان ٿو پر ڪٿان به انصاف نه ٿو ملي، الٽو پوليس اھلڪار موسيٰ سولنگي سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ منھنجي ٻئي پٽ کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ھن چيو ته پٽ کي ماريندڙ اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.