ڪنري ڀرسان ٽن سالن کان اسڪول بند، آرمي جا جوان پھچي ويا

0
590

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان پرائمري اسڪول ٽن سالن کان استاد نه ھجڻ سبب بند پيل، ڳوٺاڻن جي درخواست تي پاڪ آرمي جا جوان پھچي ويا، اسڪول کي کولرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول چوڌري ارشاد آرائين استادن جي مقرر نه ھجڻ سبب گذريل ٽن سالن کان بند پيل ھجٻ سبب ڳوٺاڻن پاران درخواستون اماڻيون ويون هيون، اسڪول بند ھجڻ سبب ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ لڳي، ڳوٺاڻن پاران ڏنل درخواست تي پاڪ آرمي جا جوان پھچي اسڪول جو مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ڪيپٽن وسيم احمد ۽ ميجر شمشير جي اڳواڻي ۾ پھتل پاڪ آرمي جي جوانن اسڪول جو دورو ڪرڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ گڏجاڻي منقعد ڪئي، گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري، پاڪ آرمي جي جوانن سميت واپارين ۽ يوسي چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي، پاڪ آرمي ڪيپٽن وسيم احمد چيو آهي ته اسڪول جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آھي، استادن کي جلد مقرر ڪري اسڪول کولرائي ويندو، اسڪول بند ھجڻ سبب ڪافي ٻارن اسڪول پڙھڻ ڇڏي ڏنو، جڏھن ته اڪثر ٻار 6 ڪلو ميٽر بند ڪري شھر ۾ پڙھڻ اچن ٿا، 14 آگسٽ کان پھرين اسڪول کي کولرائي استاد مقرر ڪيا ويندا.