موٽر وي جو اسڪينڊل ۽ پگهارون کڻندڙ گوسڙو استاد

0
153
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هونئن ته روز کوڙ اسڪينڊل ۽ ڪرپشن جا قصا آڏو ايندا رهندا آهن پر اهي ڪڏهن به جاچ مڪمل ڪري منطقي انجام تائين نه پهچي سگهيا آهن ۽ ماڻهن به ان کي معمول جو قصو سمجهي ڄڻ ته قبول ڪري ورتو آهي جيستائين ڪو صفا وڏو حادثو سانحو يا نقصان نه ٿئي ۽ رڙ نه  نڪري تيستائين اهي ڪم ايئن پيا هلندا رهندا آهن. انهي وڏي حادثي يا نقصان تي به رڳو ڪجهه ڏينهن ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي گوڙ هوندو آهي وري ساڳيا ڪاري وارا ڪک يا چپ لڳي پئي هوندي آهي جنهن ڪري نه انتظامي سڌارو ٿو اچي نه ئي حڪمران اکيون ٿا پٽين، بس رڳو عوام ئي مصيبت ۾ هوندو آهي جيڪو اهو سڀ ڪجهه سهندي ان کي قسمت جو لکيو سمجهي يا وري ڪا ٿوري گهڻي ڪوڪ ڪري ماٺ ٿي ويندو آهي.جيڪڏهن ايئن چئجي ته انتظامي غفلت ۽ ڪرپشن توڙي حڪمرانن جي عوام کان لاپرواهي عوام کي جيئڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي ته غلط نه ٿيندو يا ايئن چئجي ته انهن کي ڪيترا سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي  ته به غلط نه ٿيندو.

هونئن ته سڄي ملڪ جي عوام جي حالت ذري گهٽ هڪ جهڙي آهي پر وري به ٻين صوبن ۾ ٽڪو پئسو ماڻهن کي سهولتون ملن ٿيون پر سنڌ ته ڄڻ عوام کي سهولتون ڏيڻ کان قسم کڻي ڇڏيو آهي يا وري عوامي ناڻي تي رڳو حڪمرانن ۽ ڪامورن جو حق آهي جيڪو عوام تائين منتقل ڪرڻ بدران پاڻ ۾ حصا پتي ڪري کڻڻو آهي انهي ۾ انتظامي ڪامورا به شامل آهن ته وري چونڊيل نمائندن جي به انهن کي ٽيڪ مليل آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ موٽر وي جي زمين جي خريداري بابت هڪ اسڪينڊل مٽياري ضلعي ۾ ظاهر ٿيو جنهن ۾ زمين جي خريداري لاءِ اربين رپين جي رقم خرد برد ڪئي وئي پوءِ اهو معاملو نوشهروفيروز تائين پهتو، هاڻي خبر اها آهي ته پنجن ضلعن ۾ زمين خريدڻ لاءِ اها رقم جاري ڪئي وئي انهي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي ته ڪهڙن ضلعن ۾ زمين خريداري ۾ خرد برد ٿي ۽ ڪٿي ايمانداري سان رقم استعمال ڪئي وئي. ايف آءِ اي کانپوءِ انهي مالي اسڪينڊل جي جاچ نيب به ڪري رهي آهي خيرپور ۽ سکر جي ڊپٽي ڪمشنرن کان مالي اختيار کسيا ويا آهن نيب ايم 6 لاءِ اماڻيل رقم جا تفصيل ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن کان گهري ورتا آهن جڏهن ته ايف آءِ اي مٽياري ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ اڳ ئي جاچ ڪري رهي آهي.ساڳئي ڏينهن جي ئي اخبار ۾ هڪ ٻي خبر ڇپيل آهي ته سنڌ ۾ تقريبن ٻه هزار استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جيڪي لڳاتار ڊيوٽين تان غائب هئا ۽ بار بار تنبيهه ۽ نوٽيس جي به اهي پنهنجي ڊيوٽين تي نه پهتا.تعليم،صحت ۽ روڊ اهي ٽئي اهڙا شعبا آهن جن سان عام ماڻهو جو روز جو واسطو آهي اهي خبرون ئي ٻڌائين ٿيون ته سنڌ ۾ روڊن ،تعليم ۽ صحت جي سهولتن جو ڪهڙو حال آهي، توڙي جو موٽر وي وفاقي منصوبو آهي پر ان تي عمل لاءِ ڊي سيز ذريعي زمين جي خريداري جو جيڪو ڪم ٿي رهيو هو يا ٿيڻو هو  اهي سنڌ حڪومت جي ماتحت آهن  جنهن ۾ خرد برد جو انڪشاف ٿيو آهي. ايئن ئي عام ماڻهو اڄ به سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون سهولتون ماڻڻ کان محروم آهي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن جو حال اهو آهي جو ڪو به مڇي ماني وارو ماڻهو سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجا ٻار داخل ڪرائڻ ئي نه ٿو چاهي جنهن جو سبب اها خبر ئي بيان ڪري رهي آهي جڏهن استاد اسڪولن کان ئي غير حاضر هوندا ته اتي تعليم ڪهڙي ملندي هوندي.

اسان سمجهون ٿا ته مٿي ڄاڻايل خبرون سنڌ ۾ انتظامي ڪارڪردگي کي وائکو ڪري رهيون آهن ۽ سنڌ حڪومت جي بي ڌياني جو به ٻڌائي رهيون آهن شايد حالت انهي کان به وڌيڪ خراب هجي.هڪ طرف عوام جي نالي تي پئسا ته اچن ٿا پر اهي هليا ٻين جي کيسن ۾ ٿا وڃن جنهن ڪري عوام اهو ئي سورن ۾ آهي.تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي ماتحت ادارن جي انتظامي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ گهرجي ته ڇو اهي فائدا عوام تائين منتقل نه ٿا ٿين جيڪي عوام جي نالي تي جاري ڪيا وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته چونڊيل هئڻ ڪري اول ۽ آخر ذميواري ته انهي حڪومت جي آهي ۽ انتظاميا کان حساب ڪتاب وٺڻ به انهي جو ڪم آهي.