موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان روڊ حادثو، ٻه ڄڻا زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال، موهن جو دڙو مين ائيرپورٽ روڊ تي چنا پل لاڙي وٽان موٽر سائيڪل سليپ  ٿيڻ سبب غلام الله جوڻيجو ۽ حبدار علي جوڻيجو زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقه اسپتال مان طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.