دڙو(ن پ ا) دڙي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جي احتجاج بعد دڪانن ۽ گھرن مان چوريون ڪندڙ 2 جوابدار گرفتارڪيا ويا آهن. پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدان نثار کڏو ۽ قمر کڏو کي شهري نور احمد پنهور جي سوزوڪي گاڏي مان نڪتل 2 ٽائرن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته جوابدارن 10کان مٿي شهرين جون چوريون ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو آهي پوليس موجب جوابدارن کي گرفتار ڪري جانچ ڪري رهيا آهيون عوام جو چورئي ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.