اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران  خان جي خصوصي معاون شهباز گل الزام هنيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڪرپشن ذريعي ملڪيتون ٺاهيون آهن، ڪيل ڪرپشن تي قوم کان معافي گهري.؟هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ملڪ جي لاءِ ڪابه قرباني ناهي ڏني. شهباز گل چيو ته قوم جي مائرن بهادر پٽ پيدا ڪيا جڏهن ته وسيلن جي تعداد ۾ گهٽتائي باوجود به بهادر پٽن جنگ وڙهي، 6 سيپٽمبر تي بهادر فوج دشمن کي آخري انجام تائين پهچايو.