حافظ آباد (م ڊ) حافظ آباد عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فائرنگ، 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ايڊيشنل سيشن ڪورٽ  ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، پوليس ذريعن موجب حافظ آباد جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي جاري هئي ته ان دوران هٿياربند فائرنگ ڪري ڏني، عدالت ۾ فائرنگ فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا،  پوليس ٻڌايو ته پوليس فائرنگ ڪندر جوابدارن کي عدالتي ڪمري مان ئي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.