ملڪ ۾ موبائل فون سروس معطل، بلاول جو بيان اچي ويو

0
58

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سموري ملڪ ۾ معطل ٿيل فون سروس فوري طور بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنهنجي بيان ۾ بلاول چيو آهي ته فون سروس جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پارٽيءَ کي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو آهي

پيپلزپارٽي جي اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر چيو آهي ته فون ۽ انٽرنيٽ جي بندش سان ڪارڪن مايوس نه ٿين، ڪارڪن پنهنجين پولنگ اسٽيشنز تي پهچن

تاج حيدر چيو ته پولنگ واري ڏينهن فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل