ملير (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس يو ايف) پاران کنڀي گم ڪيل نادرا جي سنڌي آفيسرن ي آزاديءَ لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي. خبر موجب سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس يو ايف) ڪراچي پاران نادرا جي کنڀي گم ڪيل سنڌي آفيسرن جي بازيابيءَ لاءِ مجيب سيال، ڪاشف ڀيو، مقيم سولنگي، سفير ڀٽو، جاني ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ملير پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رياست ڄاڻي واڻي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ منظم ڌاري آبادڪاري ڪري رھي آھي، برمين، بنگالين، پٺاڻن ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن جيڪي سنڌي آفيسرن ان ڪڌي ڪم ۾ شامل نٿا ٿين، انھن تي دٻاءُ وجھي کين حراسان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڌارين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاھڻ جي ڏوهه ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر شنڪر لالواڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افروز شابراڻي، حماد ميمڻ ۽ اشفاق جمالي رياستي ادارن هٿان جبري طور کنڀي گم ڪيا ويا آهن جن جو ڪو ڏس پتو نه آهي. هنن انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.